Copyright  2014 Daily Jhoongar. All Rights Reserved
Powered By: PMedia




ڀارت جا ارادا خطي جي سلامتي ۽ امن لاءِ خطرناڪ آهن، ميزائل تجربي سان هٿيارن جي ڊوڙ پيدا ٿيندي:پرڏيهي ترجمان
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته ڀارت جي مٿي تي وڏيرائپ جو جن سوار آهي، سندس ارادا خطي جي سلامتي ۽ امن لاءِ خطرناڪ آهن. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت هلندڙ سال 1300 کان وڌيڪ ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي 54 بيگناهه پاڪستاني شهرين کي شهيد ڪيو، جڏهن ته 182 ماڻهو به زخمي ٿيا، پاڪستاني ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڪيترائي ڀيرا ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي تي طلب ڪيو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل هفتي وڌيڪ چئن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته سيد علي گيلاني ۽ ياسين ملڪ سميت ڪيترين ئي حريت اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو تجربو  خطي ۾ هٿيارن جي نئين ڊوڙ پيدا ڪندو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت پنهنجي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گهر واري ۽ امڙ سان ملاقات بابت پاڪستاني آڇ جو جواب ڏنو آهي کين 25 ڊسمبر تي موڪليو پيو وڃي. هن چيو ته ملاقات بابت ٻيا معاملا طئي ڪيا پيا وڃن،  پاڪستان امن لاءِ جيتريون قربانيون ڏنيون اوتريون ڪنهن نه ڏنيون آهن، اسان جا هزارين شهري ۽ فورسز جا جوان دهشتگرد ي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، اتر وزيرستان ۾ تازو سڪينڊ لفيفٽيننٽ عبدالمعيد ۽ سپاهي بشارت کي شهيد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته او آءِ سي القدس کي فلسطين جو گادي وارو هنڌ قرار ڏنو آهي ۽ آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته ان کي اسرائيلي  گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇو ته اهو فيصلو عالمي امن لاءِ خطرناڪ آهي. سي پيڪ بابت پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته چين اقتصادي راهداري لاءِ ڪنهن به پروجيڪٽ جي فنڊنگ نه روڪي آهي ۽ نه وري اهڙا اطلاع آهن، فنڊ مخصوص طريقي سان جاري ڪيا ويندا آهن.
آئين کان مٿانهون ڪوبه قدم قبول ناهي، ڪرپشن سڄي ملڪ جو مسئلو آهي:وڏو وزير
 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ زمينن جو ڪمپيوٽرائيزڊ نظام باقي صوبن کان بهتر آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رڳو سنڌ نه پر ڪرپشن سموري ملڪ جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ٻين صوبن کان بهتر آهي. هن چيو ته  سنڌ حڪومت جا معاملا نبيرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، بجيٽ جا سمورا تفصيل فنانس ڊويزن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا آهن، تڪ جي لحاظ کان ترقياتي ڪمن جي نگراني لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي گهڻو اڳ سنڌ جا دورا ڪرڻ گهرجن ها، جيڪا تبديلي ٿئي آئين تحت هئڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئين خلاف ڪو به قدم نه ٿيڻ گهرجي. 

نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس، اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ جو فيصلو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس، اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ جو فيصلو چيئرمين نيب جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس  ٿيو، مختلف ڪيسز تي غور ويچار، 8 انڪوائريز ۽ 2 انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي اجلاس دوران ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ کيس گرفتار ڪري ڏيهه  آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو نيب ترجمان موجب اسحاق ڊار اهڙي ڪنهن به بيماري ۾ مبتلا ناهي جنهن جو علاج پاڪستان ۾ نه ٿي سگهي،  کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ انٽر پول کان مدد ورتي وينديناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ احتساب عدالت اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏي آهي ۽  پيش ٿيڻ کان لنوائي رهيو آهي ملتان ميٽرو بس سروس، سکر  آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر پاران اختيارين جي ناجائز استعمال، اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نئين انٽرنيشنل ايئرپورٽ رٿائن ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪئي ويندي.
فلم هجي يا ڊرامو، چونڊ سوچي سمجهي ڪندي آهيان: عائشا خان
لاهور  (شوبز نيوز) مشهور ماڊل ۽ اداڪاره عائشه خان چيو آهي ته نون فلم ميڪرز بالي ووڊ جي مقابلي ۾ سٺيون فلمون ٺاهي ثابت ڪري ڇڏيو ته انهن کي جيڪڏهن وسيلا ڏنا وڃن ته هو مايوس نه ڪندا. عائشه خان چيو ته فلم هجي يا ٽي وي ڊرامو چونڊ سوچي سمجهي ڪندي آهيان. فلم ڏسندڙن جو مثبت ريسپانس به پاڪستاني فلم انڊسٽري کي نئين زندگي ڏني آهي. فلمن وسيلي ثقافت کي به پروموٽ ڪرڻ گهرجي، نئين ٽيلنٽ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. هن جو چوڻ هو ته فلم مقبول ۽ فاسٽ ميڊيم آهي وقت سان گڏوگڏ ان جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي. ان لاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنيون به فلم ۾ سرمائيداري ڪرڻ لڳيون آهن. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان فلم انڊسٽري جو هڪ سنهري دور هو اسان وٽ پڙهيل لکيل ۽ صلاحيت سان ڀرپور ڊائريڪٽر، ٽيڪنيشن، رائيٽر، راڳي، فنڪار، موسيقار  هئا جن گهٽ وسيلن باوجود يادگار فلمون ٺاهيون.
بيٽسمين ايلسٽر ڪڪ ڏيڍ سئو ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ انگلينڊ جو پهريون رانديگر بڻجي ويو
سڊني (اسپورٽس نيوز) اسٽار انگلش اوپننگ بيٽسمين ايلسٽر ڪڪ ٽيسٽ ڪيريئر جي 150 هين ٽيسٽ کيڏڻ وارو انگلينڊ جو پهريون رانديگر بڻجي ويو. هن ڪينگروز خلاف ايشز سيريز جي ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو. هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ انگلينڊ جو پهريون ۽ دنيا جو اٺون رانديگر بڻجي ويو آهي ڪڪ 2006ع ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ هن وقت ان جو شمار دنيا جي مڃيل بيٽسمين ۾ ٿئي ٿو. ان کي انگلينڊ طرفان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏڻ ۽ وڌيڪ ٽيسٽ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن خميس تي آسٽريليا خلاف ٽئين ايشز ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جي 150 هين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪئي. ڪڪ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ انگلينڊ جو پهريون ۽ دنيا جو اٺون رانديگر آهي. 
پاناما ڪيس مان ڪرپشن مافيا کي پيغام مليو آهي ته سڀني جو وارو ايندو:عمران خان
سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿين ته خطرو ٽري سگهي ٿو:اياز صادق
پ پ اڄ ملتان ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو
پ پ هميشه جمهوريت خلاف سازشن جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو آهي: نثار کهڙو
ايڊيشن